تولارام ڪنعيا لال رهيجا

تولارام ڪنعيا لال رهيجا: سنڌي ۽ مراٺيءَ ۾ لکندڙ تولارام ”لالي“ جو جنم 24 جولاءِ 1939ع تي سکر سنڌ ۾ ٿيو. ورهاڱي بعد هو پوني ڀارت لڏي ويو، جتي کيس صابڻ جو ڪارخانو هو. هن سنڌي ۽ مراٺيءَ ۾ ڪجهه ڪتاب به لکيا، جن ۾ ”سنڌو درشن“ (مراٺي)، ”سنڌو پُتر“ (مراٺي)، ”پوجا“ (مراٺي)، ۽ ”ييشيل ڪڌي پرتون پاکرا“ (مراٺي) شامل آهن. کيس مهاراشتر سرڪار پاران ’اُتڪروشٽ مراٺي واگھيه‘ جو 1500 روپين جو انعام ۽ هن ڪتاب تي مهاراشٽر سرڪار طرفان 5000 روپيا انعام به مليو. تولارام لالي ڪيترن ئي مراٺي ۽ سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪهاڻيون ۽ مضمون پڻ لکيا. هن ”ٻوڌ راج ٻوڌ“، دادا جشن واسواڻيءَ، پوپٽي هيراننداڻيءَ ۽ ريٽا شهاڻيءَ جي سنڌي رچنائن جا مراٺيءَ ۾ ترجما ڪيا آهن. هن وقت پوني (ڀارت) ۾ رهائش پذير آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو